غنويٰ ڀٽو

غنويٰ ڀٽو

غنويٰ ڀٽو

غنويٰ ڀٽو : مير مرتضيٰ ڀُٽي جي بيوهه ۽ شهيد بينظير جي ڀاڄائي غنويٰ، لبنان ۾ ڄائي. هوءَ مير مرتضيٰ جي ٻِي گهر واري ۽ فاطمه ڀٽو جي ويڳي ماءُ آهي. جڏهن 1996ع ۾ مير مرتضيٰ ڀٽو شهيد ٿيو ته غنويٰ ڀٽو پاڪستان آئي ۽ پنهنجي مڙس جو قتل ڪيس وڙهيائين. 1997ع ۾ هن ”پ. پ شهيد ڀٽو“ پارٽيءَ جو بنياد وڌو ۽ پاڻ ان جي چيئرپرسن بڻي. هن لاڙڪاڻي مان 2002ع واري چونڊ به وڙهي. پر اليڪشن ڪميشن گريجوئيٽ نه هئڻ ڪري سندس نامزدگي فارم رد ڪيو. ان بعد هن 2007ع ۾ پنجاب يونيورسٽيءَ مان پرائيويٽ اميدوار طور بي. اي جي ڊگري حاصل ڪرڻ کان پوءِ 2008ع واري اليڪشن ۾ حصو ورتائين، پر وري به ڪامياب نه ٿي سگهي. ان کان اڳ جڏهن بينظير ڀٽو کي 27 ڊسمبر 2007ع تي راولپنڊيءَ ۾ شهيد ڪيو ويو ته غنويٰ ڀٽو اختلافن باوجود پنهنجي ڌيءَ فاطمه ۽ پٽ ذوالفقار جونيئر سان گڏ تدفين تي پهتي هئي. نومبر 2009ع ۾ مير مرتضيٰ ۽ سندس ساٿين جي قتل واري ڪيس تي عدالت مقتولن کي بيڏوهه قرار ڏنو ۽ الزامن هيٺ آيل ملزمن کي به انهن رمارڪس سان آزاد ڪيو ته مٿن واضح شاهديون نه آهن. جڏهن ته اهڙي فيصلي تي غنويٰ ڀٽو ۽ سندس پارٽيءَ کي مايوسي ٿي.


لفظ غنويٰ ڀٽوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو